ماسڪو – 15 آڪٽوبر(اي پي پي) روس ??يو آهي ته آمريڪا طرفان ڪنهن ايٽمي تجربي جي صورت ۾ روس به اهڙا ئي قدم کڻندو ۽ ان لاءِ روسي پارليامنٽ ايٽمي تجربن تي پابندي جي جامع معاهدي سي ٽي ب?? ٽي جي توثيق کي منسوخ ڪري سگهي ٿو. روسي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق روسي پرڏيهي وزارت ۾ ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ ۽ هٿيارن جي واپار تي ڪنٽرول واري شعبي جي سربراه ولادي مير يرماڪوف روسي سڌ سماءَ جي ذريعن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو. هن ??يو ??ه روس سي ٽي ب?? ٽي تي صحيحون 23 سال اڳ ڪ??ي هئي پر آمريڪا ان معاهدي تي هاڻي تائين صحيحون نه ڪيو. هن واضح ڪيو ته ان صورتحال ۾ روسي پارليامنٽ جو هيٺين ايوان روس جي طرفان ان معاهدي جي توثيق کي منسوخ ڪري سگهي ٿو پر ائين ٿيڻ جي صورت ۾ به روس ايٽمي تجريي ۾ پهل نه ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ