تل ابيب – 16 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيل جي صدر آئزڪ هرزوگ ۽ وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ يهودي آ??ادڪارن جي فلسطينين تي ڪيل حملي جي م??مت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي صدر په??يون ڀيرو يهودي آ??ادڪارن جي فلسطينين تي ڪيل حملي جي م??مت ڪئي آهي جن??ن ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي. اسرائيل جي صدر ايڪس تي لکيو آهي ته سامريه ۾ پيش آيل واقعي جي م??مت ڪريان ٿو. هن چيو ته يهودين ۾ اها هڪ انتهائي ننڍي اقليت آهي جيڪا قانون پسند آبادڪارن لاءِ نقصان جو سبب بڻجي رهي آهي. ٻئي پاسي اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو پڻ مذمتي بيان ۾ چيو آهي ته ان ڏوهاري قدم جو ذميوار جيڪو به آهي، انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا