گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ صورتحال کي اجاگر ڪندي غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي جنگ کي فوري طور ختم ۽ فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جي صورتحال تي ٻيهر شروع ٿيل خاص اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي پاڪستان طرفان مايوسيءَ جو اظهار ڪي?? ۽ اها قرارداد سلامتي ڪا??ونسل جي 10 چونڊ ميمبرن اسپانسر ڪئي، جنهن ۾ غزه ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪي?? ويو. هن چيو ته اهڙو ڪوبه دليل ناهي جيڪو بيوس لاچار فلسطينين جي قتلِ عام کي روڪڻ لاءِ ڪي?? فيصلن کي روڪڻ ج?? جواز فراهم ڪري سگهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته جنرل اسيمبليءَ کي هاڻ چارٽر موجب غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ ۽ سلامتي ڪا??ونسل ۽ جنرل اسيمبليءَ طرفان ان تڪرار تي منظور ڪي?? ڪيترن ئي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي انصاف واري عدالت سان ڪي?? فيصلي تي عملدرآمد لاءِ پنهنجي ذميداري ک?? پورو ڪرڻ گهرجي. ٻين نمائندن به غزه پٽي جي صورتحال ۾ ويٽو جي استعمال جي مخالفت ڪئي ۽ خطي ۾ واقعن کي غير سياسي ڪرڻ تي زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي پاران غزه ۾ اسرائيلي اڳرائي بند ڪرائڻ، فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽائڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا