ماسڪو – 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پارليامينٽ هڪ بل جي منظوري ڏني آه?? جنهن تحت عدالتن کي روس جي حڪومت طرفان دهشتگرد تنظيمن طور نامزد گروپن تي پابنديون معطل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جنهن سان روس لاءِ افغان طالبان ۽ امڪاني طور شام جي نئين قيادت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ڊوما گذريل ڏينهن جنهن بل جي منظوري ڏني آه?? ان ۾ دهشتگرد قرار ڏنل گروپن کي قانوني طور تي ان فهرست مان ڪڍڻ واري طريقيڪار جو خاڪو پيش ڪيو ويو آه??. اهڙي طريقي جي روشني ۾ طالبان سان لاڳاپيل مستقبل جي متوقع فيصلي لاءِ ض??ور?? قانوني فريم ورڪ تيار ڪيو وين??و. ??وس ج?? مٿين ايوان جي فيڊريشن ڪائونسل جمعي ڏينهن ان بل تي غور ڪندي جنهن کانپوءِ اهو مسودو روس جي صدر ولاديمير ??يوٽن جي منظوري سان قانون بڻجي ويندو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ