اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي ۽ ان ئي رستي تي هلي اسان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي يقيني بڻائي سگهون ٿا. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ 70 هين جشن آزادي جي موقعي تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان کان اڳ هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي اسيم??لي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير، سروسز چيفس، مختلف ملڪن جا سفير، خاتون اول بيگم محموده ممنون ۽ معاشري جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ تحريڪ پاڪستان جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جمهوريت کي هڪ مسلمان جي زندگي جو لا??مي حصو تصور ڪندو هو ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ کي فرض سمجهندو هو.
پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج