اسلام آباد – 29 مئي (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چ??و ته عمران خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ته ??ٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪوشش جي باوجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ان جي باوجود عمران خان چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته ??ڪ طرف ته عمران خان چاهي ٿو ته ??زيراعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ??ئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔