راولپنڊي – 09 آگسٽ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته راولپنڊي جو فيصلو سڄي ??لڪ جو فيصلو هوندو آهي ۽ راولپنڊي پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، منهنجي خلاف سدائين سازشون ٿيون آهن ۽ هاڻي وري بنا ڪنهن سبب جي مون کي اقتدار تان لاٿو ويو آهي، عوام مون کي بحال نه ڪرائي پر ??لڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏي، جيستائين عوامي مينڊيٽ جي عزت نه ڪئي ويندي تيستائين ??لڪ ترقي نه ڪندو. لاهور و??ندي راولپنڊي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي پٽ کان پگهار نه و??ڻ تي نااهل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ۾ مون کي هٽايو ويو ۽ جيل ۾ وڌو ويو. هن چيو ته مون کي اهو چيو ويو ته تو پنهنجي پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي ته اها منهنجي مرضي آهي ته آئون وٺان يا نه وٺن ۽ جڏهن مون پگهار ناهي ورتي ته پو??ِ ان کي گوشوارن ۾ ڇا لاءِ ظاهر ڪريان.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار