ڪراچي – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين جي مسئلن، مشڪلاتن ۽ ملڪ معاشي ترقي ۾ انهن جي اڻٽر ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سن?? جي گورنر ۽ معاشي معاملن واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي ڪاروباري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو، مفتاح اسماعيل سن?? جو گورنر جي مشاورت سان انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي تيار ڪندو. ان موقعي تي سن?? جي گورنر چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ڪاروباري برادري جي ??فد جي ملاقات نهايت مثبت رهي، وزيراعظم سندن سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ان ڏس ۾ ان سان مسلسل رابطو رکيو وي??دو?? صنعتڪارن ۽ واپارين وزيراعظم جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم سان صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ