گڏيل قومون- 08 آڪ??وبر (اي پي پي) گڏيل قومن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل هوائي اڏي وي??هو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين کي ڪڏهن به نشانو نه بڻائڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ گذري?? ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پاڪستان جي شهر ڪراچي ?? ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا. هن گڏيل قومن جي سربراهه پاران چيو ته شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻائن گهرجي اسان متاثرن ??ي خاندان ۽ پاڪستان ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جواظهار ڪيون ٿا. واضح رهي ته آچر جي رات ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئر پورٽ وي??هو ڌماڪي ۾ 2 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا ۽11 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک