ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ا??را?? جي پرڏي??ي وزير عباس ??راقچي چيو آهي ته ا??را?? جي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ا??را??ي پرڏي??ي وزير عباس ??راقچي پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ا??را?? جي ميزائل حملي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ا??را?? خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته اسان خطي ۾ آمريڪي اڏن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ا??را?? تي حملو ڪري ٿو ته ا??را?? ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌن تي حملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌن تي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری