اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پاليسين ڏيوالپڻو ٿيندڙ معيشت ۾ نئين جان وجهي ڇڏي آهي، سياسي مخالف اقتصادي ڪارڪردگي سبب شڪست کان ڊنل آهن، مخالفن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي. اسلام آباد ۾ ايف پي سي سي آءِ ڪيپيٽل هائوس جي ??فتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي چئي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ ان وقت جي ??ڪمرانن غلط فيصلا ڪيا جن سان معيشت کي هڪ سئو ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو پر اسان ڏيوالو ٿيندڙ معيشت کي نئين جان ڏئي ڇڏي آهي. 2013ع ۾ مرڪزي بئنڪ وٽ ٽي ارب ڊالر ??ي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا هئا جڏهن ته هاڻي سمورين بئنڪن جا مجموعي ذخيرا 24.5 ارب ڊالر آهن جيڪي 6 مهينن جي ??رآمدي بل جي ??دائيگي جي لاءِ ڪافي آهن. عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جو اندازو هو ته پاڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ 5 سال لڳندا پر اهو هدف ٽن سالن ۾ حاصل ڪيو ويو آهي.
حڪومت جي پاليسين معيشت ۾ جان وجهي ڇڏي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک