بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان موقعي تي سڀني کي فائدو ٿيندو. گڏيل پڌرنامي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ هن فورم منعقد ڪرڻ تي چيني صدر کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چيني ق??ادت فورم کي علائقائي ۽ عالمي سطح ??ي اجاگر ڪيو، گڏيل خوشحالي جي لاءِ تعاون جو موضوع تحسين جوڳو آهي، ون بيلٽ ون روڊ عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي. وزيراعظم خطي ۽ دنيا جي لاءِ فورم کي تاريخي بڻائڻ تي چيني حڪومت ۽ عو??م جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ مم??ڪت?? سربراهن ۽ عالمي اڳواڻن جي شرڪت چيني صدر جي اعليٰ قيادت جو ثبوت ۽ عالمي منظر تي چين جي اڀرندڙ حيثيت جو اعتراف آهي. هن چيو ته فورم جي ڪاميابي ۽ او بي او آر جي صلاحيت کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ منهنجي لاءِ، منهنجي حڪومت ۽ پاڪستان جي عو??م لاءِ وڏي خوشي جو سبب آهي.
پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا