ڪوئيٽا – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بل??چس??ان جي سمورن علائقن کي ترقي جي لحاظ کان ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي لاءِ 10 سالا ايڪولائيزيشن پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي تعليم، صحت، گ??س، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت مختلف شعبن تي ٻڌل ترقياتي پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تي هن ئي سال عملدرآمد شروع ٿي ويندو، چونڊيل جمهوري حڪومت جو 5 سالن جو مدو جون ۾ مڪمل ٿيندو جنهن کانپوءِ مقرر وقت تي عام چونڊون ٿينديون. هو گورنر ها??وس ۾ بل??چس??ان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. بل??چس??ان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، بل??چس??ان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري پڻ موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ۾ پنهنجي مصروفيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته هتي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ ۽ بل??چس??ان ۾ جاري ٻين ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو آهي.
وزيراعظم پاران بلوچستان لاءِ 10 سالا ايڪولائيزيشن پئڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena