سوچي – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تن??يم امن، استحڪام، گڏيل رابطن ۽ پائيدار ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي مڪمل ميمبرشپ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، شنگهائي تعاون تن??يم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايس سي او هڪ اهڙي تن??يم آهي جيڪا گڏيل رابطن، واپار، توانائي ۽ اقتصاد?? ترقي جي حوالي سان ڪم جي وسيع تر صلاحيت رکندڙ آهي. هن چيو ته هي تن??يم پوري خطي ج?? ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان تن??يم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي صارف مارڪيٽ جو ماپو 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن تي مشتمل آهي جتي وسيع ڪاروباري موقعن ۽ جديد ترين بنيادي ڍانچي جون سهولتون به دستياب آهن. هن چيو ته پاڪستان ايس سي او جي ميمبر جي طور تي گڏيل رابطن ۽ تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس