اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب اڄ ٻيهر اهو ئي پراڻو رڪارڊ هلايو، هو پنهنجي تقريرن سان پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ٻڌايو گذريل ساڍا چار سالن ۾ تو??ان ڪيترا بجلي جا پراجيڪٽس هنيا، ٻڌايو 350 ننڍا ڊيم ڪٿي آهن؟ عمران صاحب قوم کي ٻڌايو انصاف بس ڪٿي آهي؟ ٻڌايو احتساب ڪميشن جو تالو ڪڏهن کوليندا، عمران صاحب تو??ان گذريل ساڍا چار سالن ۾ روئڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گاريون ڏيڻ کانسواءِ ڇا ڪيو آهي، عمران خان صاحب هاڻي ته انشاءَ الله اورنج ٽرين به مڪمل ٿي ويندي، تو??ان جو ڇا ٿيندو، عمران صاحب ايندڙ تقرير ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي تي رڳو ٽي لائينون ڳالهائي ڏيکاريو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب گذريل ساڍا چار سالن ۾ تو??ان جيترا ڪوڙ ڳالهايا آهن ايترو ڪم ڪريو ها ??ه ڪي پي ڪي جا ماڻهو تو??ان جي خلاف بني گ??لا ٻاهران احتجاجي مظاهرا نه ڪن ها.
عمران صاحب اڄ ٻيهر اهو ئي پراڻو رڪارڊ هلايو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ