اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي خ??ص حيثيت جي خ??تمي جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ اربع ڏينهن استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ و??ير??عظم عمران خان مظفرآبا?? ۾ ??انونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خ??اب ڪندو ۽ مظفرآباد ۾ ئي ريلي جي قيادت ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ?? ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي جي قيادت ڪندو. شهر شهر گهٽيءَ گهٽي ان قدم خلاف ريليون ڪڍيون وينديون. بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي نشان پاڪستان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صدر، و??ير??عظم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي نگران وڏي و??ير?? صدر، آزاد ڪشمير جي و??ير??عظم جا خاص پيغام نشر ڪيا ويندا. و??ير??عظم جي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خ??اب جي موقعي تي هڪ منٽ جي خ??موشي اختيار ڪئي ويندي ۽ ٽريفڪ روڪي ويندي. چئني صوبن گلگت بلتستان ۾ گورنرز ۽ وڏن وزيرن جي قيادت ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي يڪجهتي واريُون ريليون ڪڍيون وينديون. ان ڏينهن کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم ۽ ان جي آر ۾ هڪ سال ?? ڪشمير ۾ جاري فوجي گهيراءُ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان آگاهه ڪرڻ آهي. صبح 10 وڳي سائرن وڄايا ويندا. گڏيل قومن جي مبصر مشن کي سيڪريٽري جنرل جي نالي ياداشت پڻ پيش ڪئي ويندي. پوسٽل سروسز واري وزارت پاران خصوصي پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم سان ناني جي شهادت کانپوءِ ان جي ميت جي مٿان ويٺل سندس ٽن سالن جي ڏوهٽي جي تصوير عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ ڇاپي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان خاص تقريبون ٿينديون. اهو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي. جڏهن ڪشميرين کان انهن جا بنيادي حق ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن جي روشني ۾ مليل خاص حيثيت جي خ??تمي جو غيرقانوني ۽ هڪطرفو قدم کنيو ويو.
ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ