اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??نڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪ??ي آهي ته جديد سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چ??نڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام ??تعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪ??ي ته جديد سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ جي مجموعي چ??نڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ لاءِ چونڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري لاءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.
صدر پاران چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ