اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته راشد ميموريل ٽرسٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ڪمپليڪس ۾ پاڪ فضائيه ۽ راشد ميموريل ٽرسٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم ڊي بي?? ا??ما?? ظهير عباس کوکر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اڳوڻي ايئر چيف سهيل امان به شريڪ هو، ملاقات ۾ صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ٽائون جي قيام ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته راشد ميموريل ٽرسٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ڪمپليڪس ۾ پاڪ فضائيه ۽ راشد ميموريل ٽرسٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ان وقعي تي اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ويلفيئر ٽائون جي قيام سان نه رڳو صوابي پر خيبرپختونخوا صوابي جي بي سهارا ۽ يتيم ٻارن، بيواهن ۽ بين لاچار ۽ غريب خاندانن کي رهائش سان گڏوگڏ تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر هونديون، ايم ڊي بي?? ا??ما?? اسپيڪر کي مستحق ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پاڪستان بي?? ا??ما?? جي ڪارڪردگي جي ب??ري ۾ بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان بي?? ا??ما?? جي غريب مريضن جي مالي مدد ڪرڻ واکاڻ جوڳي آهي، اسپيڪر غريب مريضن جي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سوئيٽ هومز ۾ يتيم ٻارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان بي?? ا??ما?? جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسلامي فلاحي رياست جي ذريعي اسان کي پاڪستان ۾ انسانيت جو نظام آڻڻو آهي. غريبن کي برابر حق ڏيڻ رياست جي ذميد??ري هوندي آهي، حڪومت جون غريبن ۽ ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.
راشد ميموريل ٽرسٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش