ا??لا?? آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد م??ن جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، ا??لا??ي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي ا??لا??ي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جو گهرج آهي ته حضور صهﷺ جي تعليم ۽ ان جي حيات طيبه جي عملي سبقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي تربيت جو اهتمام ڪيو وڇي. هن چيو ته حضور صه ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ راهه مشعل ??هي، مسلمانن جي لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن جي لاءِ تڪليف جو باعث نه بڻجن. هن معاشري ۾ نفرت تي ٻڌل روين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي الله جي مخلوق سان احسان ۽ بهترين سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان ج?? نبي حضرت محمد ﷺ رستي جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ??لا??تي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنما??ي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد م??ن جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر