اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، ج??ڙي??َ ري?? قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي هئي ا??ڙي??َ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو ??ظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ??يو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن ??يو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن ??يو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن ??يو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان عزم سان آغاز ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آهي، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، ج??ڙي??َ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي ا??ڙي??َ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو ??ظاهرو ڪيو. هن ??يو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ??و توهين ڪري ٿو ته ان جي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان حوالي سان قانون موجود آهي، ڪنهن ??ي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.
قوم اي پي ايس سانحي تي جيئن متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو: حافظ طاهر محمود اشرفي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea