اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جو ڌي??ن افغانستان جي صورتحال طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري ره??و آهي ۽ افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي، افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ره??و آهي. هن اها ڳالهه پرڏيهي وزارت ۾ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس منعقد ٿيڻ انهن ئي ڪوششن جي هڪ ڪڙيءَ آهي، اس??ن ا?? اجلاس جي ذريعي عالمي برادري کي پيغام ڏئي ره??ا آهيون ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اڳتي وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ اجتماعيت رکندڙ حڪومت بنيادي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري افغان حڪومت جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته مون پنهنجي ڪابل جي دوري دوران پاڪستان پاران خيرسگالي جذ??ي تحت 5 ارب جي امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ره?? آهي ته اس??ن افغانستان جي لاءِ خوراڪ، دوائن بشمول 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي صورت ۾ انساني امداد جي فراهمي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اسان جي ٽيم افغانستان ۾ پاڪستان جي معاونت سان هلندڙ ٽن اسپتالن جي دوري جي لاءِ جلد ڪابل پهچندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪست??ن ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هي?? اجلاس جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي، هڪ ٻئي پٺيان ٻن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلم??ن امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن قائم ٿيڻ جي اميد اهميت رکي ٿي ان کي ضايع ٿيڻ نه گهرجي. افغانستان جو معاشي انهدام سڀني جي لاءِ هڪ جهڙن نقصانن جو سبب هوندو. هن چيو ته پاڪست??ن افغانستان جي اڀرندڙ المناڪ معاشي صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ره??و آهي. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي س??ن او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جا ٿورائتا آهيون. افغان نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ گهرائڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي صورتحال طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : números quina hoje