اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 4 ج??لاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سربر??هه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او جي موجوده سربر??هه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ??اهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او سربر??هه اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. بيان موجب سربر??هه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳا??هه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ