اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو آهي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪاميابي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولولي انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪاميابي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي ڳوٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪستان جي نوجوانن کي ڪاميابي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وزير طور شهباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ??اه????ين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي ا??هن جي حوصلا افزائي ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪاميابي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪاميابي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ محسن علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي ج??هن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ ??لا?? رزق ڪمائي رهيو هو. هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ڪروڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي ويزن محسن علي ۽ ان جهڙن سوين غريبن کي ڪاميابي جي ان منزل تا??ين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آهي ويزن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.
مريم اورنگزيب پاران پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : apostas quina