اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ باصلاحيت ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ راندين جي تربيت ۽ ٻين قدمن سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻا??و ويندو. تاريخ گواهه آه?? ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آه?? ته قدم ناڪافي آهن پر اها هڪ س??ي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آه?? ته ايندڙ حڪومت انهن قدمن جو تسلسل قائم رکندي.
راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ