ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي ب??الي ۾ سرگرم عمل آهي، ا??ان معاشي ب??الي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ب??ادري جي اعتماد جي ب??الي جي مقوعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب جي قيادت ۾ پي بي سي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال دوران اتحادي حڪومت جي ڪوششن سان پاڪستان کي درپيش ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو، ا??حادي حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين حڪومت جي هر فيصلي ۾ تعاون ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي ب??الي ۾ سرگرم عمل آهي، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ب??ادري جو اعتماد بحال ٿيڻ اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله هاڻي پاڪستان جي معيشت ترقي طرف گامزن آهي، ا??ان معاشي ب??الي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ب??ادري جي اعتماد جي ب??الي جي موقعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪاروباري ب??ادري نه رڳو ملڪ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿي پر ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي، توهان سمورا اهي ب??صلاحيت ۽ باهمت ماڻهو آهيو جن پاڪستان ۾ مشڪل حالتن جو مقابلو ??يو?? توهان سڀني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد پاڪستان جي معاشي ب??الي خاص طور تي گذريل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي دوران وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان حڪومت جي ڪامياب معاهدي جي لاءِ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڪاروباري ب??ادري جي لاءِ سدائين وقت ڪڍڻ ۽ انهن جي تجويزن کي حڪومتي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ واپاري ب??ادر?? سدائين ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار رهي آهي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ا??ٽيٽ بئنڪ جو گورنر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پارليامينٽ ميمبر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ