اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جمش??د علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمش??د علي سان ملي انتهائي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ۽ استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظم چيو ته مون جمش??د علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏن??، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي سان گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمش??د علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جي فخر سان گڏوگڏ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ جمش??د علي سان پنهنجي ملا??ات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.
جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ