اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪي مسئلن تي گڏجي ??يهي ڳالهيُون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو، جيڪي قومون تاريخ کان نه سکي سگهيون اهي نقصان کڻنديون آهن. هو ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر فاروق عادل جي ڪتاب ”اسان جيڪو وساري ڇڏيو: پاڪستان جي تار??خ جا وڃائجي ??يل پنا“ جي رونم??ئي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جي صدارت سينيٽر عرفان صديقي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪتاب جي ??هورتي تقريب تي ڊاڪٽر فاروق عادل کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪي تار??خ جي رخن تي روشني وڌي آهي، هن ڪتاب جي اندر اسان جي گورننس، جمهوريت جي ارتقاءَ، رياست جي ??اڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي سميت ڪيترن ئي مسئلن جو ذڪر آهي. هن چيو ته اسان کي تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ذميواراڻي صحافت جو تعين انته??ئي ضروري آهي. ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب جي ذريعي هڪ اهڙو حسين ۽ خوشگوار لمحو فراهم ڪيو آهي، جتي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو هڪ جڳهه تي ويهي تار??خ جي باري ۾ ڳاله??ئي سگهن ٿا. اسان کي اهڙي قسم جي ڪلچر جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي ڪلچر اسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪ جي بنيادي مسئلن جو ذڪر ڪيو. اسان کي انهن مسئلن تي کلي دل سان ويهي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي رياستي، نشرياتي اداري ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تقريب کي ڊاڪٽر افتخار عارف، عبدالباسط مجاهد، محبوب ظفر، ڊاڪٽر فاروق عادل، خورشيد نديم سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ملڪي مسئلن تي گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ کي تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores