بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ چين جي صدر ش?? جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ صدر ش?? جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال آ?? پيپلز پهتو جتي چيني صدر ش?? جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آ?? پيپلز ۾ منعقد ان آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل