دبئي – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏي?? قومن جي 82 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله سلطان بن عواد النعيمي، گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪندو. نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ??ندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير ??لي?? عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪ??ر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ??ندا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت لاءِ دبئي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados