اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي فلسطين ۾ امدادي سرگرمين ۾ اردن جي ڪردار کي سارهايندي ??يو آهي ته فلسطين ۾ امن پوري دنيا جي ذميواري آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن اردن جي سفير ڊاڪٽر معن خريسات سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ايندڙ عام چونڊن، فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي، علائقائي سلامتي جي صورتحال، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهب، قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل گهرا لاڳاپا آهن. ملاقات ۾ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته فلسطين جي موجوده صورتحال نه رڳو مسلمان امت پر سڄي دنيا جي مهذب قومن جي لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، فلسطين ۾ امن پوري دنيا جي ذميواري آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ??يو ته فلسطيني ??وام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا،ف لسطين ۾ امدادي سرگرمين ۾ اردن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي اردن جي سفير ??يو ته غزه ۾ خوراڪ جي عدم دستيابي جي ڪري انساني ??حران جنم وٺي رهيو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اردن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اردن جي سفير کي پاڪستان ۾ چونڊن طرف ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ??يو ته ايندڙ سال 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊ شيڊيول جاري ڪر?? ڇڏيو آهي، سمورين رجسٽرڊ سي??سي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويا آهن. هن ??يو ته نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد ۽ س??ول?? فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اردن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊ عمل جي ڪامياب تڪميل جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته اردن ۽ پاڪستان ۾ چونڊ عمل جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ممڪن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اردن جي سفير ??يو ته 10 هين گڏيل وزارتي ڪميشن جو اهم اجلاس ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويندو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ لاڳاپن کي معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان فروغ ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو جڏهن ته پي ٽي وي، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ اردن جي ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اردن نيوز ايجنسي پيٽرا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا ادارن جي وچ م تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو.
فلسطين ۾ امن پوري دنيا جي ذميواري آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II