لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ٿيلسيميا جي مرض جي روڪٿام جي لاءِ شاندار خدمتن تي منو ڀائي (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سُندس فائونديشن جو بنياد رکي منو ڀائي هڪ مثال قائم ڪيو، ٿيلسيميا جي روڪٿام جي لاءِ قانونن کي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ منو ڀائي جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊيشن خالد عباس ڊار، صدر ياسين خان، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان ??يازي، مجيب الرحمان شامي، صغريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته منو ڀائي جو پي ٽي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿيو، ان ??روگرام ۾ منو ڀائي بطور تجزيه نگار خدمتون سرانجام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان ??روگرام کي ياد ڪري ٿي. هن ??يو ته منو ڀائي هڪ سٺو ۽ مخلص انسان ??و، هن پنهنجي زندگي کي ٿيلسيميا جي ٻارن جي ع??اج جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ٿيلسيميا جي ٻارن جي ع??اج جي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض منو ڀائي جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران ??فاقي وزير چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان ??انونن کي بهتر ۽ انهن تي ع??لدرآمد ڪرڻو پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ منو ڀائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته منو ڀائي انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن ??يو ته منو ڀائي ڪالم نگاري سان گڏوگڏ شاعري پڻ ڪندو هو، سندس مادري زبان ??نجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ??ي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن ??يو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، سکان دي خاطر جلندا پيندا اي، حق دي خاطر لڙنا پيندا اي، جيون دي خاطر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خطاب ڪندڙن منو ڀائي کي ڀرپ??ر انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ٿيلسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ورهايا.
منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔