مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، ان موقعي تي بيت الله جا در??از?? کولي وزيراعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ موجب وزيراعظم پنهنجي سع??دي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. هن خانه ڪعبه ??و طواف ڪ??و ۽ عمري جا ٻيا ??رض ادا ڪيا. وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس بيت الله جا در??از?? کولي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ