اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ خان يونس جي علائقي تي اسرائيلي فورسز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذم??واري ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خ??ن يونس جي پناهگيرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن جي اندر اندر اهڙو جارحاڻو حملو انسانيت جي توهين آهي، معصوم فلسطيني پناهگيرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذم??واري ادا ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری