اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ??ي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ??ڌي?? اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ٿي رهيا آهن. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي ??ڌي?? ويجهو آڻڻ ??ي لاءِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سعودي عرب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد چيو ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط حصيداري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صلاح بن محمد سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي سارا??يو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جي شروع ڪيل سڌارن سان سعودي عرب ۾ ??ڌي?? ترقي ۽ خوشح??لي ايندي. صدر آصف علي زرداري شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشح??لي جي لاءِ دعا ڪئي.
مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری