ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاق?? وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فا??دو کڻڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم افيئرز ۽ بليو اڪانومي جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن واري ڪ??نف??نس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بندرگاهن جو موثر استعمال ڪرڻ جي ??رو??ت آهي ته جيئن ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي و??پار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. وفاق?? وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بندرگاهن جي گهرائي وڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. وفاق?? وزير چيو ته سمورن ڪارگو هينڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز قابل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاق?? وزير چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فا??دو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان معيشت جو استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.
بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ به اضافو ممڪن آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : números dupla sena