اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت گروڌواره دربار صاحب ڪرتار پور نارووال پاڪستان جي زائرين جي سهولت لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مع??هدي جي 5 سالن جي اضافي مدي جي لاءِ تجديد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??را?? جاري بيان موجب مع??هدي تي 24 آڪٽوبر 2019ع تي پنج سال مدي جي لاءِ صحيحون ڪيون ويون. شروعاتي مدي جي تڪميل کانپوءِ ان مع??هدي جي تجديد بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار عزم جي نشاندهي ڪري ٿي. بيان موجب اهو مع??هدو ڀارت مان ايندڙ زائرين کي ويزا فري پهچ ڏي ٿو جنهن سان اهي گروڌواره دربار صاحب ڪرتارپور جي مقدس جڳهه جو دورو ڪري سگهندا، ??تي سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ پنهنجا آخري ڏينهن گذاريا هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لنگهه پنهنجي قيام کانپوءِ کان هزارين سک عبادتگذارن کي انهن جي ان مقدس جڳهه جي زيارت جي لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي. بيان موجب ڪرتاپور لنگهه سک برادري جي انهن جي سڀ کان وڌيڪ قابل احترام مذهبي جاين مان هڪ تائين پهچ جي پراڻي خواهش کي پورو ڪري ٿو، اهو پاڪستان پ??را?? مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي اهميت جي اعتراف جي عڪاسي ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس بيان ۾ چيو آهي ته ان قدم کي عالمي برادري پ??را?? وڏي پئماني تي س??را??يو ويو آهي جن ۾ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ شامل آهي جنهن ان کي ”اميد جو لنگهه“ قرار ڏنو هو.
پاڪستان پاران ڪرتار پور لنگهه جي معاهدي جي 5 سالن جي اضافي مدي جي لاءِ تجديد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب