اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ??ه ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي ??عب?? ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روا??گي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستا?? جي پنجين عالمي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي صنعتن ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪستا?? جي قومي روا??گي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعتن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي روا??گي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخي روا??گي واپار ٿيو. پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، ??سان ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، ??تي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻه?? جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.
ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي: واپار وارو وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری