اسلام آبا?? R11; 13 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکائي لاءِ ساز??ار ماحول موجود آهي، حڪومت ملڪي گهرج پوري ڪرڻ ۽ قيمتي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪرڻ لاءِ زيتون جي پيداوار تي ڌيان ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اطهار هن البرڪه پاڪستان اوليو س??ٽ 2024ع ۾ خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به شعبي جي واڌ ويجهه لاءِ تحقيق وڏي اهميت رکي ٿي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ ۾ زرعي تحقيق جي شعبي کي اهم ڪر??ار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي منڊي ۾ زيتون جي معياري مصنوعات جو روانگي واپار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان موقعي تي البرڪه پاڪستان اوليو س??ٽ 2024ع پاڪستان جي زيتون جي صنعت کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم قومي ۽ عالمي ماهرن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ صنعت جي رهنمائن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. سمٽ ۾ زيتون جي شعبي جي هڪ محفوظ پائي??ار ۽ روانگي واپار لاءِ تيار سپلاءِ چين جي ترقي جي موضوع تي زيتون جي عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان کي هڪ اهم رانديگر طور به اڀر?? وارين صلاحيتن تي به زور ڀريو ويو.
پاڪستان ۾ زيتون جي پوک لاءِ سازگار ماحول موجود آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil