اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس سيڙپڪاري، زراعت، واپار، دفاع سميت ٻي?? شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي گڏيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي ??ام??و پارائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻطرفي حتمي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي فيبروري 2025ع ۾ صحيحون ڪيون وينديون. گڏيل نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ سندس وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته بيلاروس جو صدر 8 سالن کانپوءِ ٻي??ر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، هو پاڪستان جي عظيم دوست، ڏاهي ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ آهي، پاڪستان جي عوام بيلاروس کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهي ٿو ۽ ان جي تعاون تي ٿورائتو ۽ قيادت کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان بيلاروس جي ص??ر جو ٻي?? گهر آهي، سندس دوري دوران نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، بيلاروس جي ص??ر جي خيالن ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ معاهدا اسان جي لاءِ حوصلي جوڳا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سيڙپڪاري، واپار، سياحت، دفاع سميت ٻي?? اهم شعبن ۾ تعاون ۽ اهم معاملن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته بيلاروس سان ٿيندڙ معاهدن کي فوري عملي ??ام??و پارايو ويندو جڏهن ته هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان گڏجي روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏينداسين، زرعي مشينري ۽ آءِ ٽي، معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ ۽ جوائنٽ وينچر کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ ٻي??ر ٻنهي طرفن جي ٽيمن جي ملاقات ٿيندي ۽ ان ڳالهه ٻولهه کي عملي ??ام??و پارائڻ جي لاءِ حتمي قدم کنيا ويندا جنهن کانپوءِ فيبروري 2025ع ۾ بيلاروس ۾ بيلاروس جو صدر ۽ آئون انهن معاهدن تي ص??يحون ڪنداسين ۽ انهن کي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ عملي ??ام??و پارائينداسين. اسان هڪ ٻئي جي سگهه ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، غزه ۾ عورتن ٻارن سميت 45 هزار ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن، شهر جا شهر تباهه ڪيا پيا وڃن، گڏيل قومن جي قرارداد ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي باوجود سيز فائر نه ٿي سگهيو. هن چيو ته بيلاروس ??ان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. 75 سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق نه ڏنو ويو، هن خطي جي امن جي لاءِ ڪشمير جي تڪرار جو حل لازمي آهي. بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر لوڪا شينڪو وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت پاران سندس شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي طرفن کان ڳالهه ٻولهه دوران مستقبل جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي ص??يحون ڪيون. شهباز شريف سان ملاقات دوران کيس عملي ۽ بهترين انسان ڏٺو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مثبت سوچ اسان جا معترف آهيون، وزيراعظم ملاقات دوران معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي ??ام??و پارائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته فيبروري ۾ انهن معاهدن تي باقاعده صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي ص??ر چيو ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد منصوبن تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو، اسان هڪ نئين روڊ ميپ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ان ۾ اسان جديد ضرورتن تي غور ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ 30 سالن کان سفارتي لاڳاپا قائم آهن، اسان کي سفارتڪاري ۾ تعميري قدمن کي اڳتي وڌائڻو پوندو، تازي دوري دوران ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ ڪوريڊور ۾ شرڪت سميت ٻي?? معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، عوامي بهتري جي منصوبن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ٻئي روانگي واپار مان بيلاروس ??ائدو کڻندو، اسان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهون ٿا، زراعت ۽ دفاعي پيداوار ۾ تعاون وڌائڻو پوندو.
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران سيڙپڪاري، زراعت، واپار، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي جامعو پارائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت