قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊونيشيا پا??ستان جو ڀروسي ??وڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورتن جو گهڻو حصو ان کان ئي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پرابوو سوبيانتو کي انڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انڊونيشيا پا??ستان جو ڀروسي ??وڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آ??ل فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊونيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ڇو ته پا??ستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو حصو انڊونيشيا کان درآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان رابطي جي حوالي سان پا??ستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان جي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ انڊونيشيا جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پا??ستان انڊونيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر پرابوو سوبيانتو کي پا??ستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حما??ت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي حما??ت جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جي انڊونيشيا جي صدر سان ملاقات، انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2