راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل لي??ٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت لي??ٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ لي??ٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن. فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ لي??ٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران لي??ٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.
پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ