اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ايوان ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ايندڙ هفتي وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽريز ايوان ۾ موجود نه هوندا ته ايوان جي ڪارروائي نه هلائي و??ند??. ڊپٽ?? اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن قوم?? اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽ?? اسپيڪر مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ ڊپٽ?? اسپيڪر سوالن واري وقفي جي شروعات ڪئي، اعتراض و??ري نقطي تي ڳالهائ??ند?? اسد قيصر چيو ته ڪالهه وانگر اڄ به ايوان ۾ نه ته وزير موجود آهن ۽ نه ئي وفاقي پارلياماني سيڪريٽريز موجود آهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب ڪير ڏ??ند?? جنهن تي قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سوالن وارو وقفو ٻيهر شروع ڪيو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اين سيد نويد قمر ٻيهر اهو ئي معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽرين جي غير حاضري ۾ سوالن وارو وقفو ڪيئن هلائي سگهجي ٿو. اعتراض و??ري نقطي تي ڳالهائ??ند?? مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ڊپٽ?? اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته ان صورتحال بابت وزيراعظم کي خط لکي رهيا آهيون، هن ايجنڊا ملتوي ڪندي ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد