اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو آهي. مذ??بي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مذ??بي معاملن واري وزارت جي عملدارن حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته هو حج رهتن جي ٻي قسط نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرائين. حج رهتن جي ٻي قسط 4 لک روپيا ??هي جڏهن ته اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ٻي قسط سان گڏ جمع ڪرائڻا پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان ??يڪ??ج تبديل ڪر??ئي سگهجي ٿو. 4 کان 6 ماڻهو فيملي روم، شيئرنگ روم يا ??نگل ماڻهن لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 روپيا ??مع ڪرائڻا پوندا. ترجمان چيو ته ڪامياب حج پانڌيئڙا رهتن جي ٻي قسط 27 ڊسمبر تائين لازمي جمع ڪرائين.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado