اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پا??ست??ن جي باني باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي ??اباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آ??اهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران قائداعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد مبشر توقير شاهه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قائداعظم محمد علي جناح کي ??ميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پا??ست??ن قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي ??امل ڪرڻ جي ڪوششن کي ??اراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران قائداعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي سان پينٽنگ ۽ تصويري نمائش جي مقابلي جي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ??اراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ قائداعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تصويرن جي نمائش منعقد
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II