گڏيل قومون -06 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سمورن وڏن ادارن جي سربراهن غزه ۾ شهرين جي فوتگين تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. فرانس جي خابرو اداري مطابق گڏيل بيان ۾ گڏيل قومن جي انهن ادارن جي سربراهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه ۾ انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي جو ??طا??بو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آ??ي، ته گهڻو ٿيو هاڻي ان جنگ کي بند ٿيڻ گهرجي، يونيسيف، ورلڊ فوڊ پر??گرام ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن سميت 18 ادارن جي سربراهن جنگ جي شروعات کان پوءِ ٻنهي پاسن ۾ ٿيل وڏي نقصان کي بيان ڪيو آهي. واضح رهي ته حماس جي انتظام هيٺ صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي غزه ۾ جو??بي حملن هن وقت تائين مجموعي طور تي 9 هزار 770 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو