ٽو??يو-11 جولاءِ(اي پي پي)جاپان جي شهر اوڪيناوا جي اسيمبلي علائقي ۾ مقرر آ??ريڪي فوجي اهلڪارن طرفان جنسي تشدد جي ڪيترن ئي الزامن تي رد عمل ظاهر ڪندي هڪ ٺهراءُ ۽ هڪ بيان جي گڏيل طور تي منظوري ڏني آهي. اين ايڇ ڪي موجب اوڪينا اسيمبلي جي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن جاپان ۾ مقرر آ??ريڪي سفير راحم ايما نوئل سميت آمريڪا سان احتجاج ڪيو ويو ته ??نساني وقار کي پامال ڪندڙ ڏوهه جنسي تشدد کي ڪنهن به ملڪ جي قانون ۽ انصاف تحت برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. ٺهراءَ ۾ آمريڪا کان مطالبو ڪيو ويو ته ??هڙن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ٺوس ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ اوڪيناوا جي رهواسين کي اهڙن قدمن بابت تفصيلي طور تي آگاه ڪيو وڃي. واضع رهي ته منظور ڪيل قانون ۾ وزيراعظم فوميو ڪيشيا سميت جاپاني حڪومت کي مخاطب ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا