اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان باصلاحيت آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي پيرن تي بيهي رهياسين ته ملڪ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويندو، اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي سلامتي جي خلاف ٻاهريون سازشون ڪيون ويون آهن، اسان پاڪستان کي اڳتي وٺي و??ڻ چاهيون ٿا جڏهن ته عمران خان ان کي پٺتي طرف ڌڪي رهيو آهي، ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو اسان جي گڏيل ذميواري آهي، الزامن جي بنيا?? تي نه پر ڪارڪردگي جي بنيا?? تي سياست ڪرڻ گهرجي، وزيراعظ?? محمد نواز ش??يف ملڪ کي ترقي طرف وٺي و??ي رهيو آهي جڏهن ته عمران خان رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هاڻي اهڙي صورتحال بڻجي وئي آهي جو سڀ لوزر آهن ونر ڪو نه آهي. هن چيو ته 70 سالن کان ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو نه ٿي سگهيو، پاڪستان ۾ اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته ووٽ ذريعي اينداسين ۽ ووٽ ذريعي وينداسين، ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو اسان جي گڏيل ذميواري آهي، هڪ ٻئي کي ڦورو ۽ ڌاڙيل چئي ڪيرائڻ جي ڪوشش نه ڪ??ڻ گهرجي.
جيڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهي رهياسين ته ملڪ اڳتي نڪري ويندو: خواجه سعد رفيق
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری