اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته معاشري جي غريب طبقن جي خدمت موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ و??ير??عظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم جي دائري ڪار کي توسيع ڏيڻ ۽ ان مقصد لاءِ وڌ کان وڌ مالياتي وسيلا مختص ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن اها ڳالهه و??ير??عظم آفيس ۾ و??ير??عظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم (پي ايم آءِ ايف ايل) تي اڳڀرائي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ پي ايم آءِ ايف ايل جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري فنڊ (پي پي اي ايف) جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر قاضي عظمت عيسيٰ، سيمي صدف ڪمال ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج