اسلام آباد/لاهور – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجو??ه حڪومت محدود وسيلن جي باوجود مسئلن تي ضابطو آڻي ور??و آهي، ايندڙ 15 سالن لاءِ بجلي جي ضرورتن موجب پيداواري منصوبا مڪمل ڪيا آهن، بيروزگاري جي خاتمي ۾ صنعت جو ڪر??ار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، صنعتڪارن ??ي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي.سندر انڊسٽريل اسٽيٽ لاهور ۾ فاسٽ ڪيبل طرفان ملڪ جي پهرين سي سي وي لائين ۽ ا??لومينيم لائي مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته فاسٽ ڪيبل طرفان سي سي وي ڪيبل جي پهرين جديد ترين پلانٽ جو افتتاح خوش آئنده آهي جنهن سان بجلي جي پيداواري خرچن ۽ ترسيل جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ