اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پ?? پي) پارليامان?? معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ اربع ڏينهن صبح 11 وڳي ٿيندو، پارليامينٽ، سياسي قيادت ۽ عو??م پاران هڪ زبان ٿي ڀارت، اسرائيل يا ڪنهن ٻي ملڪ ۾ پناهگاهن ۾ ويٺل پاڪستان جي دشمنن کي ڀرپور پيغام ڏنو ويندو، پاڪستان اسان جي ماءُ آهي، سويلينز، سياستدان ۽ سڄي پاڪستاني عوام 1965ع وانگر تاريخ رقم ڪندا. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي ۽ اسان سڀني بنا ڪنهن فرق ان ڳالهه ??و واضح ثبوت ڏنو آهي ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان پنهنجي سرن جي قيمت تي اسان ان جي حفاظت ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ